سيد غوث حسين شاهه 1

سيد غوث حسين شاهه: سيد غوث حسين شاهه، جنهن کي غوث پاڪ به چون ٿا. درويش ڪرامت جو صاحب هو. سترهين صدي عيسويءَ جو آيل معلوم ٿئي ٿو. سندس مزار ڳوٺ شير محمد سولنگي تعلقي دادوءَ ۾ آهي. مٿس هڪ عاليشان مقبرو ٺهيل آهي. روزانو ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن. هر سال ذوالحج مهيني جي 12 تاريخ کان ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ ملاکڙو ۽ راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو